اسلام آباد – 03 – مئي (اي ??ي ??ي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دعوت تي چين جو پرڏيهي وزير ڪن گينگ 5 ۽ 6 مئي تي پاڪس??ان جو سرڪاري دورو ڪندو، پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ان جو پاڪس??ان جو هي پهريون سرڪاري دورو هوندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس چيني هم منصب ڪن گينگ پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي چوٿين دور جي گڏيل صدارت ڪندا. اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ هڪ منظم طريقيڪار آهي جنهن ۾ اهم شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جو جائزو ورتو وڃي ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڌريون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي توثيق سان گڏوگڏ پاڪس??ان ۽ چين جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون جي لا??ِ روڊ ميپ تيار ڪرڻ ۽ اڀرندڙ علائقائي ۽ عالمي منظرنامي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جو ٽيون دور جولاءِ 2021ع ۾ چين جي شهر چينگڊو ۾ ٿيو هو.