اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي 1973ع جي آئين جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 1973ع جو آئين قائداعظم محمد علي جناح، علامه اقبال ۽ پاڪستانين جي بانين جي ڏاهپ جو نچوڙ آهي جنهن قومي کي متحد رکيو آهي، تا??يخ ۾ پهريون ڀيرو سمورين پارٽين گڏجي آئين جي طاقت سان ووٽ چور، سليڪٽيڊ ۽ مڙهيل ٽولي کي اقتدار مان ڪڍي ٻاهر ڪيو، ملڪ کي معاشي ترقي ۽ پاڻڀرائپ سان همڪنار ڪري ۽ عوام جي زندگين ۾ آسانيون آڻي آئين جي طاقت ۽ شان وڌائينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آئين جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم آئين جو تحفو ڏيندڙ سمورن قائدين، پارٽين ۽ پارليامينٽ ميمبرن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن انهن سمورن مانائتين شخصيتن کي پڻ خراج تحسين پيس ڪيو جن 50 سالن ۾ آئين جي عزت ۽ حرمت وڌائي ۽ ان جي مضبوطي ۾ ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته 10 اپريل 1973ع کان 10 اپريل 2023ع تا??ين پاڪستان جي آئين قوم کي متحد رکيو آهي، آئين ئي پاڪستان ۾ رهندڙ سمورين قومن جو متفقه عمراني معاهدو آهي، دستور سمورن رياستي ادارن جي ماءُ آهي. هن چيو ته سمورين محترم شخصيتن کي به خراج تحسين پيش ڪيو جن 50 سالن ۾ آئين جي عزت ۽ حرمت وڌائي ۽ ان جي مضبوطي ۾ ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته 10 اپريل 1973ع کان 10 اپريل 2023ع تا??ين دستور پاڪستان قوم کي متحد رکيو آهي، آئين ئي پاڪستان ۾ رهندڙ سمورين قومن جو متفقه عمراني معاهدو آهي، آئين سمورن رياستي ادارن جي ماءُ آهي. هن چيو ته سانحن، حادث?? ۽ ??ازشي واقعن جي باوجود آئين پنهنجي وجود کي برقرار رکيو. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو آئين جو معمار ??ه هو ۽ ان جي لاءِ جان قربان ڪندڙ به، وزيراعظم چيو ته هو ان موقعي تي محترمه بينظير ڀٽو ۽ قائد محمد نواز شريف کي خاص طور تي سلام پيش ڪري ٿو جن آئين جي سربلندي، حفاظت ۽ فروغ لاءِ تا??يخي ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته تا??يخ جو حسين اتفاق آهي ته آئين جي گولڊن جوبلي ملهائيندي ملڪ ۾ آئين، جمهوريت ۽ عوام دوست پارٽيون اقتدار ۾ آهن، آئين جي گولڊن جوبلي اهڙي موقعي تي آئي آهي جڏهن تا??يخ ۾ پهريون ڀيرو سمورين پارٽيون گڏجي آئين جي طاقت سان ووٽ چور، سليڪٽيڊ ۽ مڙهيل ٽولي کي اقتدار کان ٻاهر ڪڍيو. هن چيو ته آئين پاڪستان جو محافظ، ان جي حفاظت جان ڏئي به ڪنداسين، ملڪ کي معاشي ترقي ۽ پاڻڀرائپ سان همڪنار ڪري ۽ عوام جي زندگين ۾ آسانيون آڻي آئين جي طاقت ۽ شان وڌائينداسين.