ڪراچي – 20 ?? مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان پيپلزپارٽي خيبرپختونخواهه جي جنرل سيڪريٽري شجاع عالم خان جي ڀاءُ جي ??اڏ??ڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ قيادت سميت سڄي پارٽي اوهان سان گڏ آهي. هن مرحوم جي لاءِ ج??ت الفردوس ۽ پونئيرن جي صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.