انقره – 16 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪئي ۽ تباهي آڻيندڙ زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جاني?? جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جيڪو ترڪ عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ٻن ڏينه?? جي دوري تي ترڪيه ۾ آهي، صدارتي محل پهچڻ تي صدر رجب طيب اردوان سندس آجيان ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. ترڪيه روانگي کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته آئون پاڪستا?? جي عوام ۽ حڪومت پاران پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينر?? جي لاءِ يڪجهتي ۽ حمايت جو پيغام کڻي ترڪيه روانو ٿي رهيو آهيان. هن وڌيڪ چيو ته ٻن جدا رياستن ۾ رهندڙ هڪ قوم جي جذبي تحت اسان انه?? جي نقصان کي پنهنجو سمجهون ٿا. صدر اردوان سان ملاقات کانپوءِ وزيراعظم ڏکڻ ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ اتي مقرر پاڪستاني سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن سان گڏوگڏ زلزلي متاثرين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. هو مشڪل وقت ۾ ترڪ عوام سان گڏ بيٺل هجڻ ۽ جاري امدادي ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون جاري رکڻ جي لاءِ پاڪستا?? جي پڪي عزم کي ورجائيندو. وزيراعظم 6 فيبروري تي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس ڏکڻ ترڪيه ۾ ايندڙ تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ ريسڪيو ۽ ريليف جي سرگرمين ۾ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي. ترڪيه عوام جي مدد جي لاءِ سمورن دستياب وسيلن کي مڪمل طور تي متحرڪ ڪيو ويو آهي ۽ وزيراعظم ذاتي طور تي امدادي سرگرمي?? جي نگراني ڪري رهيو آهي. پاڪستا?? ۽ ??رڪي جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ هر آزمائش ۽ مصيبت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن.