اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت جيڪڏهن سمجهي ٿو ته هو ڪشميري عوام جي مضبوط ارادي کي چيڀاٽي سگهي ٿو ته هو غلطي تي آهي، ڀارتي قابض فوج طرفان ??اري رياستي دهشتگردي ڪشميرين جي عزم کي نه ٽوڙي سگهي ٿي ۽ نه ئي ان ??ي جائز جدوجهد کي ??مز??ر ڪري سگهي ٿي، ڀارت ڪرفيو، بليڪ آئوٽ، پنهنجي ڳالهه مڃ??ئڻ?? نظربندي، قيد ۽ بنيادي حقن کان ??نڪار جي ذريعي ڪشميري مردن، عورتن ۽ ٻارن کي سختي سان نشانو بڻايو، اسان ??نهن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت ان وقت تائين جاري رکنداسين جيستائين هو ڀارتي ڏاڍ کان ??زادي حاصل نٿا ڪري وٺن، پاڪستان ??مورن عالمي پليٽ فورمن تي پڻ آواز بلند ڪندو رهندو. يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هر سال 5 فيبروري تي پاڪستاني عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان ??يڪتا جو ورجاءُ ڪري ٿو، يوم يڪجهتي ڪشمير تي اسان ??ق خود اراديت لاءِ ڪشميرين جي جدوجهد ۾ انهن سان پنهنجي اڻٽر حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيو ته ڄمون ڪشمير جو تڪرار گڏيل قومن جي ايجنڊا تي سڀني کان پراڻي حل طلب مسئلن مان هڪ آهي، گذريل 75 سالن ۾ ڀارت ڄمون ڪشمير تي پنهنجو ناجائز قبضو جاري رکيو آهي ۽ هتي جي عوام جا حق پائمال ڪري رکيا آهن، وزيراعظم چيو ته هزارين ڪشميري ڀارتي قابض فوج جي هٿن ۾ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري چڪا آهن ۽ اڻ ڳڻين ظلمن جو شڪار آهن، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي غير قانوني ۽ هڪطرفن قدمن کانپوءِ، پهرين کان ??راب صورتحال بدترين رخ اختيار ڪري ورتو. ان ??ير قانوني ۽ هڪطرفن قدمن کي پاڪستان ۽ ڪشميرين رد ڪري ڇڏيو آهي، محمد شهباز شريف چيو ته ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال پاڪستان ۽ باقي دنيا لاءِ شديد ڳڻتي جو سبب بڻيل آهي. هن چيو ته مشهور ڪشميري سياسي قيادت کي غير قانوني طور تي نظربند ڪيو ويو آهي يا فرضي ڪيسن ذريعي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويو آهي، ميڊيا کي ڏاڍ ذريعي خاموش ڪيو ويو آهي ۽ عالم سڳورن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اهڙا سخت قانون ٺاهيا ويا آهن جيڪي ڪشميري عوام جي بنيادي آزادين کان ??نڪاري آهن. وزيراعظم چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ڪشمير ۾ آبادياتي تبديليون آڻڻ لاءِ پنهنجي مهم تيز ڪري ڇڏي آهي ته جيئن ڪشميرين کي پنهنجي ئي زمين تي اقليت ۾ تبديل ڪري سگهجي. اهي قدم گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن ۽ عالمي قانونن سميت چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي آهن. شهباز شريف چيو ته ڀارت جيڪڏهن سمجهي ٿو ته هو ڪشميري عوام جي مضبوط ارادن کي چيڀاٽي سگهي ٿو ته هو غلطي تي آهي، ڀارتي قابض فوج طرفان ??اري رياستي دهشتگردي ڪشميرين جي عزم کي نه ته ٽوڙي سگهي ٿي ۽ نه ئي انهن جي جائز جدوجهد کي ??مز??ر ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته اسان ??ارت تي زرو ڀريون ٿا ته هو پاڪستان، گڏيل قومن ۽ سڀ کان وڌي ڪري ڪشميري عوام سان ??يل واعدن جو احترام ڪري. وزيراعظم چيو ته آئون سموري پاڪستاني قوم طرفان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي خاطري ڏيارڻ چاهيان ٿو ته اسان ??نهن سان ??لهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون، اسان ??نهن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت ان وقت تائين جاري رکنداسين جيستائين هو ڀارتي ڏاڍ مان ??زادي حاصل نٿا ڪري وٺن. پاڪستان ??مورن عالمي پليٽ فارمز تي پڻ پنهنجو آواز بلند ڪندو رهندو ۽ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ هندستان ??ي وحشياڻي قدمن کي اجاگر ڪندو رهندو.