اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان اسرندڙ ملڪن جي تنظيم جي – 77 ۽ چين جي چيئرمين شپ باضابطا طور تي ڪيوبا جي حوالي ڪري ڇڏي. 134 رڪني گروپ جي چيئرمين شپ جي منتقلي جي ٽرسٽي شپ ڪائونسل ۾ منعقد ٿيندڙ تقريب کي پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وڊيو خطاب ڪيو. هن ??يو ته هو گروپ جي چيئرمين شپ ڪيوبا جي هم منصب ۽ پنهنجي دوست برونوروڊ ريگوئيز پارلا کي منتقل ڪرڻ تي ??خر محسوس ڪري رهيو آهي. هن ??يو ته پاڪستان جي قيادت ۾ اسرندڙ ملڪن جي مٿي ڄاڻايل چئ??ينجز کي منهن ??يڻ جي گڏيل عزم ۽ اتحاد تي ??ڌل ڪوششن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. پرڏيهي وزير جي خطاب کانپوءِ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گروپ جو ”گريول“ ڪيوبا جي پرڏيهي وزير جي حوالي ڪيو. گروپ جي نئين چيئرمين پنهنجي خطاب ۾ 2022ع دوران گروپ جي شان??ار قيادت تي ??اڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. پاڪستان ان گروپ جي باني ميمبرن ۾ شامل آهي ۽ هن ??روپ جي چيئرمين شپ 14 جنوري 2022ع تي سنڀالي هئي. پاڪستان جي چيئرمين شپ جي مدي دوران گروپ ترقي کي گڏيل قومن جي ايجنڊا ۾ مرڪزي اهميت ڏياري ۽ اسرندڙ ملڪن جي ڪوويڊ 19 جي عالمي وبا، ماحولياتي تبديلين جي وڌندڙ منفي اثرن، اقتصادي عدم توازن، قرضن جي بحران، مهانگائي، غذائي عدم تحفظ ۽ تڪرارن جهڙن چئ??ينجز کي منهن ??يڻ ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ان کان اڳ 3 ڀيرا گروپ جي قيادت ڪري چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي قيادت ۾ گروپ مٿي ڄاڻايل چئ??ينجز کي منهن ??يڻ جي لاءِ اهم معاهدن ۽ منظم ردعمل کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. ان ۾ فنانسنگ فار ڊيولپمينٽ فورم ۾ پائي??ار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جو معاهدو، اعليٰ سطحي سياسي فورم ۾ پائي??ار ترقياتي ??دف حاصل ڪرڻ جي طريقن تي بحث، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 ه??ن اجلاس ۾ وڏي اقتصادي، ترقياتي ۽ ماحولياتي ??عاملن تي اتفاق راءِ، ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ جو تاريخي فيصلو ۽ گذريل مهيني گروپ جي وزارتي ڪانفرنس ۾ غذائي، ٻارڻ ۽ مالياتي بحرانن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوري ۽ ڍانچاجاتي ??دمن تي ??ڪ موقف تي اتفاق راءِ حاصل ڪرڻ خاص طور تي ??ابل ذڪر آهن جن سان پائي??ار ترقياتي ??دف 2030ع ۽ ماحولياتي تحفظ جي لاءِ پيرس معاهدي تي اڳڀرائي ۾ مدد ملي آهي. اهي قدم ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته اتحاد ۽ گڏيل ڪوششن سان اسان ترقي ۽ خوشحالي جي حوالي سان درپيش چئ??ينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گهربل فيصلا ڪري سگهون ٿا. هن ??يو ته انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گروپ جي ميمبرن کي گڏيل اتحاد، تعامل ۽ گڏيل ڪوششن کي جاري رکڻو پوندو ته جيئن پائي??ار ترقياتي ??دفن تي ??لندڙ سال ٿيندڙ سربراهي اجلاس ۽ ڪوپ 28 ۾ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪري سگهجن. ان سلسلي ۾ گروپ جي مالي مشڪلاتن جو شڪار 60 ميمبر ملڪن جي قرضن ۾ ريليف ۽ ري اسٽرڪچرنگ، هڪ سئو کان وڌيڪ اسرندڙ ملڪن کي گهربل مالياتي رعايتن ۽ ليڪويڊٽي جي فراهمي جي لاءِ غيراستعمال ٿيل ايس ڊي آرز جي ري چينلنگ، بک جو شڪار 25 ڪروڙ ماڻهن ??ي خوراڪ جي فراهمي، ماحولياتي تبديلين جي خطرن جو شڪار ملڪن جي مدد ۽ قدرتي آفتن سان تباهي کانپوءِ انهن جي نئين سر تعمير ۾ معاونت خاص طور تي ??ابل ذڪر آهن.