اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ اڄ ڇنڇر ڏينهن پرڏ??هي آفيس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندا. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان موجب اسلامي تعاون تنظيم جو سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دعوت تي 10 کان 12 ڊسمبر تائين پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪري رهيو آهي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي دوري دوران 5 رڪني وفد جي قيادت ڪندو، نومبر 2021ع ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ هي سندس پاڪستان جو پهريون باقاعده دورو آهي. او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل دوري دوران وزيراعظم ۽ پرڏ??هي وزير سان وفدن جي سطح تي ملاقات ڪندو، هو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ۽ واپار واري وفاقي وزير سان پڻ ملاقات ڪندو. او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو پڻ ڪندو. ٻطرفي ڳالهه ٻولهه دوران او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل ۽ پرڏ??هي وزير او آءِ سي جي ايجنڊ اتي موجو ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، اسلامو فوبيا ۽ افغانستان ۾ انساني صورتحال سميت ٻين معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.