اسلام آب??د– 25 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اس??يج ۽ ٽي وي جي ناليواري اداڪار اس??اعيل تارا جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسماعيل تا??ا مرحوم مشهور ڊرامن ففٽي ففٽي، رٻڙ بينڊ، ون وي وڪيٽ سميت ڪيترن ئي اس??يج ڊرامن، ٽي وي ڊرامن ۽ فلمن ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، سندس لاڏاڻي سان فلم ۽ ڊراما انڊسٽري ۾ پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهبو. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته فلم ۽ ڊراما انڊسٽري لاءِ اس??اعيل تارا جون خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم اس??اعيل تارا کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.