شرم الشيخ- 11 نومبر (اي پي پي) ماحو??يا??ي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان مستقبل ۾ ماحو??يا??ي تباهين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائميٽ فائنانس اتحاد جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي پنهنجي معاشرن کي آبهوا جي هنگامي صورتحال کان محفوظ رکڻ لاءِ ٺوس بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪوپ – 27 جي فورم تي گڏيل قومن جي ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ آبهوا جي تبديلي جي حوالي سان تقريب ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته ماحو??يا??ي تباهين جي سونامي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائميٽ فائنانس اتحاد جي ضرورت آهي، ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ ماحو??يا??ي تبديلين بابت واقعن ۾ شديد اضافو ٿي رهيو آهي، اهو اسان جي لاءِ انتهائي ضروري موافقت جو دور آهي. شيري رحمان چيو ته ان ڳالهه جو فڪر آهي ته اسان پنهنجي معاشرن کي آبهوا جي هنگامي صورتحال کان ڪيئن محفوظ رکنداسين، اسان آبهوا ??ي دٻاءُ جي گرائونڊ زيرو تي آهيون. هن چيو ته دي لي??نگ انڊس اهڙن منصوبن ۾ شامل آهي جيڪي ڪاربان کي گهٽ ڪندا آهن، ان منصوبي جي مقصدن ۾ ماحو??يا??ي ن??ام جي بحالي، درياجو تحفظ ۽ لچڪيدار مستقبل شامل آهن. هن چيو ته ڪوپ – 27 پبلڪ ۽ پرائيويٽ فنانسنگ جي ن??ام کي جوڙڻ گهرجي ڇو ته اسان کي مستقبل ۾ ماحو??يا??ي تباهين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائميٽ فائنانس جي ضرورت پوندي.