اسلام آب??د ?? 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪرڪيٽ اسان جي ڪلچر جو حصو بڻجي چڪ?? آهي، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪستان اچڻ نه رڳو ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ پر پاڪستاني ناظرين، شوقينن ۽ عوام جي لاءِ مثبت س??گر??ي جو سبب بڻ?? آهي. برطانيا جي ڪرڪيٽ ٽيم جي اعزاز ۾ ڏنل تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اها ڳالهه اعزاز جوڳ?? آهي ته 2005ع کانپوءِ پهريون ڀيرو ٽيسٽ سيريز جي لاءِ انگلش ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان آئ?? آهي. هن چيو ته ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي لاءِ ضرور?? آهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ٽيمون پاڪستان اينديون رهن. مريم اورنگزيب چيو ته ٽيسٽ سيريز ڪرڪيٽ جي اصل روح آهي، ڪرڪيٽ تي سياست ناهي ٿيندي، پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ پاڪستان ۾ ٽيسٽ سيريز منعقد ڪرڻ جي لاءِ برطانوي هاءِ ڪمشنر، پاڪستان حڪومت ۽ وزيراعظم آفيس جو ڪردار وسارڻ جوڳو نه آهي. هن انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان جي دوري تي پاڪستاني عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري سان نوجوانن ۾ مثبت س??گر??ي ڏسي سگهجي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فيفا ورلڊ ڪپ جا مئچز به ٿي رهيا آهن، پاڪستان جا نوجوان مثبت س??گر??ين ۾ مشغول آهن. هن چيو ته وزيراعظم ڊپارٽمينٽل اسپورٽس به ٻيهر شروع ڪري ڇڏ?? آهي، جيڪو هڪ سٺو قدم آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ٽيسٽ سيريز جي بحالي ۽ انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري سان پاڪستان جا نوجوان ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ تي ڊگهي مدي وارا مثبت اثر پو??دا. هن چيو ته ٽيسٽ سيريز سان ٻين عالمي ڪرڪيٽ ٽيمن جو به ڪرڪيٽ تي اعتماد وڌندو. هن چيو ته ڪرڪيٽ اسان جي ڪلچر جو حصو بڻجي چڪ?? آهي. پاڪستان جو هر ماڻهو ڪرڪيٽ سان دلچسپي رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جون بهترين ڪرڪيٽ ٽيمون آهن، تازو ئي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ به ٻنهي ٽيمن فائنل کيڏيو. هن چيو ته ڪرڪيٽ هڪ راند آهي، جيڪو سٺو کيڏندو اهو ئي کٽيندو. اهو ئي جذبو هجڻ گهرجي. هن ٻنهي ٽيمن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته ٽيسٽ سيريز پاڪستان جي عوام لاءِ باڪمال تفريح جا موقعا ثابت ٿيندي.