سرينگر – 27 – آڪٽوبر (اي پي ??ي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ڪل جماعتي ح??يت ڪانفرنس جي اڳواڻن ۽ تنظيمن چيو آهي ته 27 آڪٽوبر ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، ڇو ته ڀارت 1947ع ۾ ان ڏينهن ننڍي کنڊ جي ورڇ جي اصول جون ڌڄيون اڏائيندي ۽ ڪشميرين جون خواهشون پائمال ڪندي ڄ??ون ۽ ڪشمير تي قبضو ڪري ورتو هو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي ح??يت ڪانفرنس جي اڳواڻ فردوس احمد شاهه، زمروده حبيب، خادم حسين، سبط شبير، ياسمين راجا، ڊاڪٽر مصعب، مسلم ليگ ڄمون ۽ ڪشمير، پيپلز ليگ ڄمون ۽ ڪشمير پنهنجي بيانن ۾ چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جا ماڻ??و آزادي جي لاء?? پنهنجي منصفاڻي جدوجهد تان ڪڏهن به دستبردار نه ٿيندا. هن چيو ته هٺ ڌرمي جي ڪري ڄ??ون ۽ ڪشمير دنيا جو سڀ کان وڏو فوجي گهيري وارو خطو بڻجي چڪو آهي.