اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي ترقي ۾ اقليتن جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت انهن جي حقن جي تحفظ ۽ ڀلائي جي ل??ءِ سڀئي ڪوششون ڪندي. 11 آگسٽ 2022ع تي اقليتن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته 11 آگسٽ کي پاڪستان ۾ اقليتن جي ڏهاڙي طور ملهايو وڃي ٿو ته جيئن پاڪستان جي ترقي ۾ اسان جي اقليتن جي اڻٿڪ حصيداري جو اعتراف ڪي?? وڃي ۽ قوم جي حيثيت سان انهن جي حقن جي تحفظ جي ل??ءِ اسان جي عزم جو ورجاءُ ڪي?? وڃي. هن چيو ته هي ڏين??ن اسان باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي 1948ع ۾ ڪي?? ان واعدي جي ياد ڏياري ٿو ته هن عظيم قوم جي هر ماڻهو کي ان جي مذهب، عقيدي ک??ن مٿانهون ٿي برابر حق ۽ آزادي حاصل هوندي. اهو ڏسي خوشي ٿئي ٿي ته پاڪستان ۾ اقليتون زندگي جي هر شعبي ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ۽ پاڪستان ۾ انهن جي پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ جي حق جو تحفظ ڪي?? آهي، انهن جا حق اسان جي آئين ۾ موجود آهن، اسلام اقليتن جي حقن جي تحفظ تي به زور ڏنو آهي. صدر چيو ته پاڪستان جي حڪومت ملڪ ۾ اقليتن جي سهولت لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهي آهي. وفاقي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ انهن جي نمائندگي آهي، ان کانسواءِ انهن کي سڀني سرڪاري خدمتن ۾ نوڪرين جي ڪوٽا ب?? مخصوص ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح ملڪ جي خدمت جو تعين ڪري ٿي ته هو پنهنجي پاليسين تي سماجي ۽ اقتصادي جي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۽ قوم جي سڀني برادرين جي ل??ءِ برابري جو ميدان فراهم ڪرڻ جي تقويت ڏي. صدر خاص طور تي تعليم، صحت ۽ سماجي ڀلائي جي شعبن ۾ اقليتن جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان بنيادي حقن ۽ پاليسي جي اصولن ذريعي آئين ۾ ڏنل پنهنجي ذميوارين تي قائم آهي. هن چيو ته حقيقت ۾ پاڪستان ۾ اقليتون اسان جي سماجي ۽ قومي ڍانچي جو هڪ مضبوط حصو آهن ۽ ان ڏينهن ۾ سڀني اقليتي برادرين کي يقين ڏياريان ٿو ته حڪومت انهن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ڀلائي ل??ءِ سڀئي ڪوششون ڪندي. صدر چيو ته مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي ل??ءِ پاڻ ۾ محبت، ڀائيچاري ۽ اتحاد جي جذبي کي فروغ ڏيڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي.