اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف يو اي اي جي صدر شي?? خليفه بن زيد النيهان جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ متحده عرب امارات ويندو، وزيراعظم اڄ ڇنڇر ڏينهن لنڊن کان متحده عرب امارات ويندو، جتي آچر تي يو اي اي جي ولي عهد شي?? محمد بن زيد النيهان سان مرحوم صدر جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف يو اي اي جي قيادت ۽ عوام سان افسوس جو اظهار ڪندو. پاڪستان جي عظيم دوست شي?? زيد جي لاڏاڻي کانپوءِ شي?? خليفه بن زيد پنهنجي والد جي مشن کي قابليت سان اڳتي وڌايو. وزيراعظم شهباز شريف تعزيتي پيغام ۾ چيو ته شي?? زيد يو اي اي جي فيڊريشن جو بنياد رکيو هو، شي?? خليفه ان کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ۽ مثالي ترقي ڏني، 50 سالن جي مسلسل محنت سان شي?? خليفه يو اي اي لاءِ پنهنجي والد جي ترقياتي ويزن کي نئين بلندين تي پهچايو، شي?? خليفه م??ح??م پنهنجي دور ۾ مشاورت کي پنهنجي قوت بڻايو، هو عوام سان رابطي ۾ رهندو هو، وزيراعظم تعزيتي پيغام ۾ چيو ته هو اعليٰ تعليم يافته ۽ زيرڪ شخصيت هو جنهن پنهنجي اقتدار کي ملڪ ۽ عوام جي خدمت لاءِ وقف رکيو، شي?? زيد وانگر شي?? خليفه بن زيد النيهان جو لاڏاڻو مسلمان امت لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي، وزيراعظم مرحوم جي بلند درجن ۽ يو اي اي جي حڪومت ۽ عوام لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.