اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ مقرر سوئيٽزرلينڊ جي سفير ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سوئيٽزرلينڊ جي سفير بلاول ڀٽو زرداري کي پرڏيهي وزير جو ??هد?? سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزير سوئس سفير جي ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته سوئيٽزرلينڊ ??اڪستان ۾ پهرين 10 سيڙپڪار ملڪن ۾ شامل آهي، پاڪستان ۾ وڌيڪ سوئس ڪمپنين کي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ڀليڪار چونداسين.