اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف ڪراچي يونيورسٽي ?? وين ڌماڪي ۾ چيني ??هر??ن جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوري پاڪستاني قوم پنهنجي ”آئرن برادرز“ تي وحشياڻي حملي تي صدمي ۽ ڏک جي حالت ۾ آهي، پاڪستاني سرزمين تان هر قسم جي دهشتگردي ۽ دهشتگردن جي خاتمي جو پڪو پهه ڪري رکيو آهي، واقعي جي تيزي سان جاچ ڪنداسين ۽ ڏوهارين کي قانون موجب عبرت جو نشانو بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ چين جي سفارتخاني جي دوري جي موقعي تي ڪيو.
وزيراعظم چين جي ناظم الامور پينگ چنگ زو (Ms Pang Chunxue) سان ملاقات ڪئي ۽ واقعي تي افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وز??راعظم شهباز شريف چين جي صدر شي جن پنگ لاءِ خصوصي تعزيتي پيغام به لکيو. وز??راعظم شهباز شريف ڪراچي يونيورسٽي ?? وين ڌماڪي ۾ چينين جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اطهار ڪيو ۽ چيو ته پورو پاڪستان چين جي حڪومت، عوام ۽ متاثر خاندانن سان دلي همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪري ٿو، دهشتگردي جي ان واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا،
هن چيو ته گهرو وز??ر راڻا ثناءُ الله کي سڀاڻي ڪراچي پهچڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، جوابدارن جي گرفتاري ۽ سزا ڏيارڻ تائين سک سان نه ويهنداسين، چين واسين جي زندگي وٺندڙن کي ڦاهي جي ڦندي تي لٽڪائينداسين، هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ آهني لاڳاپن تي حملو ناقا??ل برداشت آهي، ان عظيم ٻطرفي لاڳاپان کي متاثر ٿيڻ نه ڏينداسين.
وزيراعظم چيو ته فوت ٿيندڙن جا مڙهه ۽ زخمين جي احترام سان گهرن ڏانهن واپسي لاءِ سمورا انتظام ڪنداسين، پاڪستان ۾ چيني ??هر??ن ۽ ادارن جي سيڪيورٽي وڌائڻ ۽ فول پروف بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، وز??راعظم شهباز شريف تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات به لکيا جنهن ۾ هن چيو ته جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين. وز??راعظم شهباز شريف سان گڏ منصوبابندي وارو وفاقي وز??ر احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب، پرڏيهي مملڪتي وز??ر حنا رباني کر ۽ گهرو وز??ر راڻا ثناءُ الله به هئا.