اسلام آ??اد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪابينا جي قومي س??امتي ڪميٽي جو 38 هون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ واشنگٽن ۾ پاڪستاني س??ارتخاني پاران ملندڙ ٽيلي گرام تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس ۾ وفاقي وزيرن خوا??ه م??مد آصف، راڻاءُ ثناءُ الله، مريم اورنگزيب، احسن اقبال، مملڪتي وزير حنا رباني کر، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل نديم رضا، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف نيول اسٽاف ايدمرل م??مد امجد خان نيازي، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير ا??مد بابر، آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي س??ير اسد مجيد ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. قومي س??امتي ڪميٽي واشنگٽن ۾ پاڪستاني س??ارتخاني پاران ملندڙ ٽيلي گرام تي غور ڪيو. اڳوڻي س??ير اسد مجيد ڪميٽي کي پنهنجي ٽيلي گرام جي مواد بابت ??ريفنگ ڏني. قومي س??امتي ڪميٽي مواد ۽ ڪميونيڪيشن جي جاچ کانپوءِ قومي س??امتي جي گذريل اجلاس جي فيصلن جي توثيق ڪئي. قومي س??امتي ڪميٽي کي پريميئر سيڪيورٽي ايجنسيز ٻيهر ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ته انهن کي ڪنهن سازش جو ڪو ثبوت ناهي مليو. قومي س??امتي ڪميٽي ڪميونيڪيشن جو جائزو ۽ سيڪيورٽي ايجنسين پاران ملندڙ جائزن ۽ پيش ڪيل نتيجن مان اهو نتيجو اخذ ڪيو ته ڪا غيرملڪي سازش ناهي ٿي.