اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان بلوچستان نيشنل پا??ٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل ۽ بلوچستان عوامي پا??ٽي جي پارلياماني ليڊر خالد مگسي ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب ??ن موقعي تي هن وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ وفاقي حڪومت سان گ??جي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ گ??جي ڪم ڪرڻ جي عزم تي اختر مينگل، خالد مگسي ۽ ان جي ساٿين جا ٿورا مڃيا. ??ن موقعي تي مسلم ليگ (ن) جا قومي اسيمبلي ميمبر خواجه سعد رفيق، سردار اياز صادق ۽ راڻ?? ثناءُ الله پڻ موجود هئا.