اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سينيئر اداڪار مسعود اختر جي لاڏاڻي تي ??عزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مسعود اختر جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو پهتو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي تعزيتي ??يان ۾ چيو ته مسعود اختر ڪيترين ئي فل??ن، ڊرامن ۽ ٿيٽر پروڊڪشن ۾ پنهنجي ڪارڪردگي جا جوهرا ڏيکاريا. چوڌري فواد حسين وڌيڪ چيو ته ان جو پهريون ڊرامو ”پئسا بولتا هي“ 1970ع ۾ الحمرا ۾ پيش ??يو. هن چيو ته فن ۽ شوبز جي لاءِ مرحوم جي خدمتن کي وساري نه ٿو سگهجي. چوڌري فواد حسين دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.