اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جهلم ۾ بلديات?? چونڊون پهري?? مرحلي ۾ ٿينديون، جهلم جي عوام بلديات?? چونڊن جي تياري ڪري وٺي، وزيراعظم عمران خان جهلم جي عوام کي للا کان جهلم ڊوئل ڪيرج وي ۽ ڪينال جو تحفظ ڏنو، اسلام آباد کان کاريان موٽروي جو ٽينڊر جاري ٿي چڪو آهي، تمام جلد ان تي ڪم شروع ٿي ويندو، وزيراعظم عمران خان جو اهو جهلم جي عوام لاءِ ٽيون وڏو تحفو آهي، تحريڪ انصاف جهلم مان بلديات?? چونڊن ۾ ڪلين سويپ ڪري وزيراعظم جي انهن تحفن جو حق ادا ڪندي. اها ڳالهه هن جهلم پريس ڪلب جي عهديدارن سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري و??اق?? وزير چيو ته اسلام آباد – کاريان موٽروي پراجيڪٽ سان جهلم اسلام آباد کان 50 منٽ جي سفر تي رهجي ويندو. هن چيو ته للا کان جهلم ڊوئل ڪيرج وي ڪراچي، ڏکڻ پنجاب ۽ وچ پنجاب کي ڪشمير تائين ڳنڍيندڙ ملڪ جو اهم رستو بڻجي ويندو. اطلاعات واري و??اق?? وزير چيو ته ٽيڪنالاجي ۾ جدت ۽ ڊيجيٽل دور جي ڏس ۾ جهلم پريس ڪلب ۾ ڊيجيٽل ليب ۽ ميڊيا هال جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم جي صحت ڪارڊ پروگرام ت??ت جهلم جي صحافين کي صحت ڪارڊ فراهم ڪيا ويا آهن جنهن سان اهي 10 لک رپين تائين پنهنجي علاج جي سهولت مان فائدو کڻي سگهندا. هن چيو ته وزيراعظم جي اپنا هائوسنگ اسڪيم ت??ت جهلم جي صحافين جي لاءِ آسان قرضن جي سهولت جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي.