اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تعل??مي ادارا آن ل??ئين تعليم جي فروغ لاءِ آءِ ٽي انفرا??سٽ??ڪچر تي سيڙپڪاري ڪن، اعليٰ تعل??مي ۽ ٽيڪنيڪي ادارن کي انساني وسيلا هنرمند بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو، ملڪي تعل??مي ۽ باهنر انساني وسيلن جون ضرورتون پورو ڪرڻ لاءِ ڪميونٽي ڪاليجز جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگويج نمل اسلام آباد جي باري ۾ بريفنگ دوران چئي، هن چيو ته پاڪستان کي هنرمند افرادي قوت جي گهٽتائي درپيش آهي، دنيا آن ل??ئين تعليم طرف وڌي چڪي آهي، تعل??مي لاڳت گهٽ ڪرڻ لاءِ آن ل??ئين تعل??مي ماپو ۽ ورچوئل ڪلاسز جو تعداد وڌائڻي پوندي، صدر چيو ته يونيورسٽي انتظاميه ختم ٿيندڙ ٻولين جي تحفظ ۽ بحالي لاءِ قدم کڻي، نمل جي ڊائريڪٽر ميجر جنرل (ر) محمد جعفر ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار جي باري ۾ بريفنگ ڏني، صدر کي بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ويو ته شاگردن ۾ تنقيدي ۽ تجزياتي سوچ پيدا ڪرڻ لاءِ تدريس جو تصوراتي نقطه نظر متعارف ڪرائي رهيا آهيون، هن ٻڌايو ته هن وقت 22 هزار شاگرد يونيورسٽي جي مختلف شعبن ۾ تعليم هيٺ آهن، نمل ڊائريڪٽر آءِ ٽي جي بنيادي ڍانچي جي ترقي آءِ ٽي کي لينگويج سکڻ ۽ ترجمي ۾ مربوط ٺاهڻ سميت اعليٰ معيار جي تحقيق جي فروغ لاءِ قدمن تي روشني وڌي.