اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ??لقادر يونيورسٽي جو قيام وزيراعظم عمران خان جو جهلم جي عوام جي لاءِ هڪ ٻيو تحفو آهي، اها يونيورسٽي سوشل سائنسز ۾ نئين جهت جو اضافو ڪندي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن ان اميد جو ??ظه??ر ڪيو ته ??لقادر يونيورسٽي هڪ اهڙي عالمي درسگاهه بڻجندي جنهن ۾ تصور، اسلام ۽ سائنس جي علم جا اسڪالرز پيدا ٿيندا. وزيراعظم آفيس جي ٽوئيٽ موجب وزيراعظم عمران خان اڄ سومر ڏينهن القادر يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ بلاڪس جو افتتاح ڪندو. اسلامي تعليم، تصور ۽ جديد سائنسي تحقيقي تي ٻڌل القادر يونيورسٽي نوجوان نسل ۾ علم ۽ تحقيق جي فروغ کانسواءِ انهن جي ڪردارسازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.