اسلام آباد -19 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ ر??يد احمد چيو آهي ته خاتم النبيين حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي ولادت جي مبارڪ ترين ڏينهن تي پوري مسلم امت کي مبارڪون پيش ڪيان ٿو، اسوه حسنه تي عمل ڪري ئي اسان بهترين معاشرو جوڙي سگهون ٿا.
گهرو وزار?? طرفان جاري ڪيل بيان مطابق شيخ ر??يد احمد جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته نبي آخر الزمان حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جو امتي هئڻ تي انتهائي فخر محسوس ڪيان ٿو. نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن مذهبي، لساني، معاشرت?? ۽ ??عاشي تعصبن کان پاڪ معاشري جو بنياد رکيو.
گهرو وزير چيو ته اسوه حسنه تي عمل ڪري ئي اسان بهترين معاشرو جوڙي سگهون ٿا. هن چيو ته دعا آهي ته الله تعاليٰ اس??ن سڀني کي اسوه حسنه تي عمل ڪرڻ جي توفيق ۽ همٿ عطا ڪري.