اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته چونڊ سڌارا، اليڪٽرانڪ ??وٽ??گ ۽ پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جو عمل جلد مڪمل ڪيو وڃي. ??زي??اعظم ??في?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها هدايت هن اليڪٽرانڪ ??وٽ??گ مشين جي استعمال جي حوالي سان ٿيندڙ بريفنگ دوران ڏني. ??زي??اعظم کي چونڊ سڌارن جي ڏس ۾ اليڪٽرانڪ ??وٽ??گ مشين جي استعمال ۽ قانونسازي جي حوالي سان هن وقت تائين ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. ??زي??اعظم عمران خان اليڪٽرانڪ ??وٽ??گ مشين جو چونڊ عمل ۾ استعمال ۾ شفافيت ۽ سڀني آئيني گهرجن کي پورو ڪرڻ جي هدايت ڏيندي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته موجوده حڪومت ملڪ جي چونڊ عمل ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ جي حوالي سان پرعزم آهي.