اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ماحوليات ??ابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم چ??و آهي ته ماحوليات ??ي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ فخر آهي، پاڪستان 10 لک هيڪٽر ٻيلن جي بحالي جو دنيا سان واعدو ڪ??و آهي ۽ ان چئلينج کي قبول ڪ??و آهي، پاڪستان پاران ايڪو سسٽم جي بحالي جو فلسفو فطرت جو تحفظ ۽ ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ آهي. هو ڪنوينشن س??نٽر ۾ ماحوليات ??ي عالمي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن جو خاص مهمان وزيراعظم عمران خان هو ۽ ان تقريب کي دنيا جي وڏن ملڪن جي سربراهن به خطاب ڪيو. ملڪ امين اسلم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان کي اهو اعزاز مل??و آهي ته هو ماحوليات ??ي عالمي ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب جي ميزباني ڪري ره??و آهي جيڪو اسان جي لاءِ قابل فخر آهي. هن چيو ته ايڪو سسٽم جي بحالي سان ايندڙ 10 سالن ۾ رخ جو تعين ٿي??دو، دنيا جيڪڏهن ان دوران پنهنجو رخ تبديل نه ڪيو ته مستقبل ۾ حالتون مختلف هونديون. هن چيو ته اسان کي ماحول سان جنگ ناهي ڪرڻي پر ان کي پنهنجو دوست بڻائي اڳتي وڌڻو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت تائين 80 هزار ماڻهن کي گرين روزگار سان لڳايو و??و آهي جڏهن ته ان ۾ هن سال 2 لک جو وڌيڪ اضافو ڪنداسين. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو 10 ارب وڻ پوکڻ جي ويزن تحت هڪ ارب وڻ لڳائي چڪا آهيون. هن چيو ته پاڪستان دنيا جو 10 لک هيڪٽر وڻ لڳائڻ جو چئلينج قبول ڪ??و آهي ان سان نه رڳو دنيا پر اسان جي ايندڙ نسلن کي به فائدو ٿي??دو ان پروگرام جي تصديق ٿي چڪي آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ هڪ سال ۾ 15 نوان قومي پارڪس ٺاهيا ويا آهن جنهن کانپوءِ هاڻي قومي پارڪس سروس جو آغاز ڪري رهيا آهيون ان تحت زيارت ۾ اڪيڊمي ٺاهي رهيا آهيون اتان کان تربيت حاص?? ڪندڙ 15 هزار نوجوانن کي انهن قومي پارڪس ۾ روزگار ڏينداسين،