اسلام آب??د – 17 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو آهي ته وزيراعظم پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ڦيرڦار بابت اوگرا تجويز کي رد ڪندي پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون 31 مئي تائين برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، عمران خان عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جو بار عوام تي نه ٿو وجهڻ چاهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو ته پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون نه وڌائڻ سان حڪومت ??ي 2.77 ارب جو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو.