اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پوليو جو خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪووڊ – 19 بابت چئلينجن جي باوجود سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم کي تيز ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، گھٽ آم??ني وارن ملڪن کي برابر، وقت سر ۽ وڏي پئماني تي ڪووڊ – 19 ويڪسين فراهمي جي ضرورت آهي، وزيراعظم عمران خان بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ڳالهين دوران ڪووڊ – 19 وبا جي تازه ترين صورتحال، پوليو جي خاتمي جي مهم، صح??، ترقياتي معاملن ۽ ماحوليا??ي تبديلين تي خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.