اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز 26 مارچ تي مر??م نواز جي نيب پيشي تي سي??سي جٿن جي استعمال جي ڌمڪي جي مذم?? ڪندي واضح ڪيو آهي ته ڪنهن کي قانون جي پڪڙ کان بچڻ جي لاءِ پرتشدد حربن جي اجازت نه ڏني ويندي، پوري قوم ڏسي رهي آهي ته هڪ عورت سي??سي پليٽ فارم استعمال ڪندي جواب ڏيڻ بدران اداري تي چڙهائي ڪرڻ وڃي رهي آهي. هو پريس ڪانفرنس کي خط??ب ڪري رهيو هو. پي ٽي آءِ جي سينيٽر شبلي فراز چيو ته مر??م نواز جو گذريل ڏينهن يوٿ ڪنوينشن خطاب ۾ لهجو مايوس ڪندڙ هو، مر??م نواز جو لهجو فهم ۽ فراست کان آجي ماڻهو جو لڳي رهيو هو. هن چيو ته فضل الرحمان سدائين مذهب ۽ دين کي پنهنجي سي??سي مقصدن ??ي لاءِ استعمال ڪيو، انهن ماڻهن سياست کي غيرقانوني ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي.