اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪچين آبادين کي ??ديد رخن تي ترقي ڏئي انهن ۾ سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماضي ۾ معاشري جي غريب طبقن کي نظر انداز ڪيو ويو، انهن جي زندگي جي معيار کي ??لند ڪرڻ لاءِ قدم کڻ??ا پوندا. هو ايوان صدر ۾ ڪچين آبادين کي ??رقي يافته شڪل ڏيڻ جي لاءِ منعقد اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ سنڌ جي ??ورنر عمران اسماعيل، صوبائي اسيمبلي ميمبر فردوس شميم نقوي، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي ??يئرمين انور حيدر، صدر جي سيڪريٽري طارق نجيب نجمي، هائوسنگ اينڊ ورڪس واري سيڪريٽري عمران زيب خان، اين پي ايڇ اي جي ??پٽي چيئرمين، ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ ٻين به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.