قازان-25 آڪٽوبر(اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان روس جي شهر قازان ۾ فلسطيني اٿ??رٽ?? جي صدر محمود عباس ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش سان ملاقات ڪئي. جنهن ۾ فلسطين ۽ غزه جي صورتحال جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ميڊيا رپورٽن موجب اها ملاقات برڪس پلس جي اجلاس جي سائيڊ لائن تي ڪئي وئي. ملاقات دوران غزه پٽي ۾ ٿيل اڳڀرائي ۽ انساني همدرد?? جي حوالي سان ڪيل ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون ويون.واضع رهي ته سعودي باضاب??ا طور تي ان گروپ ۾ شامل نه آهي جڏهن ته هڪ مهمان ملڪ جي حيثت سان ان جي سرگرمين ۾ حصو وٺندو آهي.