اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) ڊاڪٽر طارق محمود خان چيو آهي ته 2024ع جي عام چونڊن جي حوالي سان ضابطه اخلاق جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سيمينارز جي تسلسل سان ڌرين جي وچ ۾ مباحثي جي شروعات خوش آئنده آهي. ڌرين خاص طور تي مي??يا ۾ ان بحث تي ڌيان ڏنو ويو ته ??سان جي ڪوشش لاڀ??ئت?? ثابت ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جي اهتمام هيٺ ”چونڊ ضابطه اخلاق“ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اهو ان حوالي سان ٽيون ڪامياب سيمينار هو جنهن ۾ اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، اڪيڊمين ۽ مي??يا جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ۾ حصو وجهندي پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. سيمينار ۾ شريڪ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ترجمان مثبت ۽ تعميري تجويزن جي آجيان ڪئي ۽ انهن کي آئنده ضابطه اخلاق ۾ شامل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. پي آءِ او پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ سمورين ڌرين جي سيمينار ۾ شرڪت تي آجيان ڪئي. هن چيو ته ??ليڪشن جي آمد سان پي آءِ ڊي سوچيو ته ??ن حوالي سان ضابطه اخلاق ۽ انهن عوامي مسئلن تي سيمينار منعقد ڪيو وڃي جيڪي مي??يا ۾ به اڪثر نظرانداز رهجي وڃن ٿا. هن چيو ته معاشري جي بدلجندڙ صورتحال ۾ اهي سيمينارز اهميت رکندڙ آهن. هن چيو ته ??ن کان اڳ ٻه سيمينار منعقد ٿي چڪا آهن جن ۾ ”پاڪستان جي عام چونڊون 2024ع، سياسي پارٽين جي اقتصادي ايجنڊا جي موضوع تي پهريون سيمينار 11 جنوري تي منعقد ڪيو ويو جڏهن ته ٻيو سيمينار ”پاڪستاني راءِ ڏيندڙن جو بدلجندڙ منظرنامو ۽ منصفاڻي نمائندگي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سياسي پارٽين جو ڪردار“ جي عنوان سان سومر ڏينهن منعقد ٿيو ۽ هيءَ ان سلسلي جو ٽيون سيمينار آهي جنهن کانپوءِ چوٿون سيمينار به ٿيندو. هن چيو ته ??يمينارز ڪراچي ۽ لاهور ۾ به منعقد ڪرايا ويندا. ڊاڪٽر طارق محمود خان چيو ته ??ولز آف گيمز ڇا آهي ان جي تعين جي حوالي سان هي سيمينارز اهميت رکندڙ آهن. سيمينارز ۾ سمورن موضوعن جو تفصيلي احاطو ڪندي عوامي آگاهي جي لاءِ ڪار??ئت?? معلومات گڏ ڪري اُن کي مي??يا جي ذريعي عوام تائين پهچايو پيو وڃي. هن چيو ته مي??يا ضابطن جي حوالي سان پڻ ضروري معلومات تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي جنهن سان موضوع جي مناسبت سان مي??يا جي اهميت حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿيندي. هن چيو ته ٿورو ڌيان مي??يا به ان طرف ڏي ته ??ها ان مقصد ۾ تمام وڏي ڪاميابي هوندي. هن منتظمين جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. سيمينار جا ٻه سيشنز منعقد ٿيا جن جي ڪارروائي مهرين طارق ۽ رضوان رونق رائو هلائي. ان موقعي تي مباحثي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ترجمان سيد نديم حيدر، تعليمي ماهر ڊاڪٽر شاهد حسين (علامه اقبال اوپن يونيورسٽين) ۽ ڊاڪٽر روح الامين خان (عالمي اسلامي يونيورسٽي)، سينيئر صحافي حافظ طاهر خليل، افتخار شيرازي، جاويد سومرو، وهاب حسين، شاهده نويد، سماجي ڪارڪن عصمت الله نويد ۽ ٻين حصو ورتو جڏهن ته ??نيقه ن??ار زوم جي ذريعي شرڪت ڪئي.