اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته گ??وبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ 2024ع جو انعقاد پاڪستان جي لاءِ اعزاز جو سبب آهي. اها ڳالهه هن قومي ص??ت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جا?? سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر ط??رق محمود خان به موجود هو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته گ??وبل هيلٿ سيڪيورٽي سربراهه ڪانفرنس 10 ۽ 11 جنوري تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ٿي رهي آهي. ??ن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اها ڪانفرنس پهريون ڀيرو ٿي رهي آهي، جيڪا پاڪستان جي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اها ڪانفرنس انسانن جي ص??ت بابت آهي. عوام جي ص??ت بابت مسئلا ئي اصل مسئلا آهن. ان موقعي تي قومي ص??ت واري نگران وفاقي وزير صحافين کي ڪانفرنس جي حوالي سان تفصيلن بابت پڻ آگاهه ڪيو.