اسلام آباد – 02 – جنوري (ا?? پي پي) اطلاعات، نش??يات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته بهاره ڪهو فلائي اوور ڪِرڻ بابت انڪوائري رپورٽ نگران وزيراعظم ک?? پيش ڪئي وئي آهي. سينيٽ ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر هدايت الل?? جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات، نش??يات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته انڪوائري رپورٽ جي حوالي سان ايوان کي آگاهه ڪنداسين، رپورٽ نگران وزيراعظم ک?? پيش ڪئي وئي آهي. چيئرمين هدايت ڪئي ته انڪوائري رپورٽ جي تفصيلن کان ايوان کي به آگاهه ڪيو وڃي.