مظفر آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق لاءِ پاڪستان جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چي?? آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪرار 7 ڏهاڪن کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي حل طلب آهي، ڀارت پ??هن??ي نام نهاد قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن جي آڙ ۾ پ??هن??ي عالمي ذميوارين تان دستبردار نٿو ٿي سگهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڄ??ون ۽ ڪشمير جي حريت اڳواڻن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ محمود احمد ساگر، غلام محمد صافي، الطاف حسين واني، سيد فيض نقشبندي، شيخ عبدالمتين، سليم هارون، شيخ محمد يعقوب، امتياز واني، سيد منظور شاهه، منظور قادر، حافظ حامد رضا، مولانا امتياز صديق، سيد ياسر عباس، سيد جواد الحسن، سردار امجد يوسف، ميان عبدالوحيد، دانيال شهاب مدني، ڊاڪٽر مشتاق سردار، سردار عبدالقيوم، راجا فاروق حيدر، سردار عتيق ۽ ٻيا شامل هئا. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيرا??ظم چوڌري انوارالحق پڻ موجود هو. حريت اڳواڻن ڀارتي سپريم ڪورٽ پاران ڄ??ون ۽ ڪشمير جي حيثيت جي حوالي سان ڀارت جي غيرقانوني هڪطرفي قدم جي توثيق جي مذمت ۽ ڪشميرين ساان يڪجهتي جي اظهار تي نگران وزيرا??ظم جا ٿورا مڃيا. حريت اڳواڻن پاران آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي خصوصي اجلاس ۾ نگران وزيرا??ظم جي ڀرپور پذيرائي ڪئي وئي. حريت اڳواڻن چي?? ته نگران وزيرا??ظم جي اڄ جي خطاب ڪشميرين جي جذبن جي ڀرپور ترجماني ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چي?? ته آزاد ڄمون ۽ ڪسمير ۾ پاڪستان رياست جو پيغام کڻي آيو آهيان ته پاڪستان سياسي ۽ سفارتي سطح تي ڪشميرين جي حمايت سدائين جاري رکندو. هن چي?? ته ڪشمير جو ڪيس عالمي سطح تي وڌيڪ بهتر طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پرڏيهي وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز عالمي ٿنڪ ٽينڪس، ميڊيا ۽ اڪيڊميز سان رابطو وڌائيندا. هن چي?? ته واشنگٽن ڊي سي، لنڊن، برسلز ۽ ٻين اهم گادي وارن شهرن ۾ ڪشمير ڪيس جي حوالي سان حڪمت عملي ٺاهي ويندي. نگران وزيرا??ظم وڌيڪ چي?? ته پرڏيهي وزارت ۽ حريت اڳواڻن جو اجلاد جلد منعقد ڪرايو ويندو، حريت اڳواڻ ڪشمير ڪاز جي حوالي سان پ??هن??ون تجويزون ڏين. هن چي?? ته اوورسيز ڪشميرين جو آواز ڪسمير ڪاز جي لاءِ انتهائي ڪارائتو ٿابت ٿي سگهي ٿو. نگران وزيراعظم چي?? ته اسان واضح طور تي ڀارت جي سپريم ڪورٽ پاران ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت فيصلي کي رد ڪريون ٿا. هن چي?? ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي حل طلب آهي. هن وڌيڪ چي?? ته ڄمون ۽ ڪشمير جي مستقبل جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ٿيڻ گهرجي، ڀارت پ??هن??ي نام نهاد قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن جي آڙ ۾ پ??هن??ي عالمي ذميوارين تان دستبردار نٿو ٿي سگهي.