اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ميڪسيڪو جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ڇه??ن دور اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستاني وفد جي قياد?? پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (آمريڪا) سفير مريم آفتاب ڪئي جڏهن ته ميڪسيڪو جي وفد جي قيادت ميڪسيڪو جي پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل (آفريقا، وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر) سفير جوز ٽرپ ڪئي. ٻنهي ڌرين ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ گهڻ رخ?? اڳڀرائي جي سمورن رخ?? جو جائزو ورتو. هنن ڪيترن ئي شعبن ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.