اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ۽ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافت جي مضبوط بنيادن تي قائم آهن، سعودي عرب پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي آهي، سعودي عرب ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستان جي ??فرادي قوت جي ??عودي حڪومت ??اران سارسنڀال مثالي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان امام ڪعبه پروفيسر ڊاڪٽر شيخ صالح بن عبدالله بن حميد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزير انيق احمد، مدد علي سنڌي، نگران وزيراعظم جو خصوصي نمائندو مولانا طاهر اشرفي، لاڳاپيل اعليٰ عملدار ۽ سعودي عرب جو پاڪستان ۾ سفير نواف بن سعيدالمالڪي پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم غزه ۾ جاري معصوم فلسطينين تي ظلم ۽ ٻارن جي قتل عام جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪئي. نگران وزيراعظم فلسطينين سان ڀرپور يڪجهتي جي ??ظهار ۽ غزه ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ۽ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافت جي مضبوط بنيادن تي قائم آهن، سعودي عرب پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي آهي. نگران وزيراعظم پاڪستان ۾ تعليم ۽ صحت جي ??عبي ۾ ترقي جي لاءِ سعودي تعاون تي ٿورا مڃيندي چيو ته سعودي عرب ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستان جي ??فرادي قوت جي ??عودي حڪومت ??اران سارسنڀال مثالي آهي. هن چيو ته خادم الحرمين الشريفين ۽ ولي عهد سعودي عرب تازو ئي غزه جي ??ورتحال تي اسلامي سربراهي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان دنيا کي مسلمان امت ??اران فلسطينين جي ??نا مشروط حمايت جو واضح پيغام ڏنو. نگران وزيراعظم غزه ۾ امدادي سامان پهچائڻ جي لاءِ فوري طور تي لنگهه قائم ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. اسلامي تعاون تنظيم جي پليٽ فارم تان خبر ايجنسي قائم ڪرڻ خوش آئنده آهي، اسلامو فوبيا جي ??اتمي لاءِ اسلامي تاريخ ۽ ثقافت تي ڊاڪيومينٽريز سان نوجوان نسل کي اسان جي ??اندار ماضي بابت تعليم ڏيڻ وقت جي ??هم ضرورت آهي. نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسلامي تعليم، تاريخ ۽ ثقافت تي ڊاڪيومينٽريز کي مختلف زبانن ۾ نشر ڪيو وڃي ته جيئن دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ماڻهن تائين اسلام جو صحيح پيغام پهچائڻ ۾ مدد ملي سگهي. امام ڪعبه پاڪستاني افرادي قوت جي ??عودي عرب جي ??رقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار کي ساراهيو. امام ڪعبه پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن کي مثالي قرار ڏنو. هن نئين نسل جي ??سلامي قدرن موجب تربيت تي زور ڏنو. امام ڪعبه سندس دوري ??ور??ن پاڪستان پاران شاندار مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا.