اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي سان يونيسيف جي نامزد ٻارن جي وفد ٻارن جي عالمي ڏينهن جي سلسلي ۾ ملاقات ڪئي. ٻارن جو وفد چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ٻارن جي نمائندگي ڪري رهيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وفد جي قيادت پاڪستان ۾ يونيسيف جي پهرين يوٿ ايڊووڪيٽ 16 سالا تقويٰ احمد ڪئي. ٻارن جي وفد مستقبل جي لاءِ پنهنجي اميدن بابت صدر کي ٻڌايو. ملاقات ۾ وفد ٻارن کي درپي?? مختلف مسئلن ۽ چئلينجن تي به روشني وڌي. صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو ته پاڪستان ٻارن جي حقن ۽ ڀلائي جي لاءِ قدم ??ڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ٻارن کي تعليم، هنر ۽ تربيت سان ليس ڪرڻ جي لاءِ قدم ??نيا پيا وڃن. خصوصي ٻارن کي باقاعده اسڪولن ۾ جامع تعليم فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته خصوصي ٻارن کي معاشري جي مرڪزي ڌارا جو حصو بڻائڻو پوندو. خصوصي ٻارن کي مهارتن سان ليس ڪرڻ سان انهن کي روزگار کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ٻارن صدر کان موسمياتي تبديلين، ڇوڪرين جي تعليم، خصوصي ٻارن ۽ انهن کي درپيش ٻين چئلينجن بابت مختلف سوال پڇيا. ملاقات ۾ ٻارن صدر کي پنهنجي تجربن بابت ٻڌايو. ٻارن زندگي ۾ وڌڻ وي??هڻ جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. بعد ۾ ٻارن بئنڪنگ سيڪٽر بابت هڪ ڪيس ۾ صدر پاران ڪيل ٻڌڻي ۾ به شرڪت ڪئي.