اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻڌڻ کان ??حروم ماڻه?? جي حق?? جي تحفظ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻه?? جي معاشري جي سمورن شعبن ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ انه?? جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيف ويلفيئر آگاهي فائونڊيش?? جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن فائونڊيش?? جي صدر شيخ محمد منشا جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي معيشت ۽ معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ٻڌڻ کان ??حروم ماڻهن کي هنرمند بڻائڻ ۽ تعليم ڏيڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ٽيڪنالاجي جي مدد سان ??ڌڻ کان ??حروم ماڻهن کي ڳالهه ٻولهه ۽ تعليم تائين پهچ ۾ آساني فراهم ڪري سگهجي ٿي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي اعليٰ تعليم جي لاءِ يونيورسٽين ۾ ٽيوشن فيس ۽ ٻين خرچ?? جي مد ۾ ڇوٽ ڏني پئي وڃي جڏهن ته نادرا جا خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، خصوصي ماڻهو نادرا جو خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ معذوري جو سرٽيفڪيٽ ضرور ٺهرائين. صدر چيو ته حڪومت، غيرسرڪاري تنظيمن ۽ ٻڌڻ کان ??حروم ماڻهن کي گڏجي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. ملاقات ۾ خاتون اول بيگم ثمينه علوي پڻ موجود هئي. وفد صدر کي ٻڌڻ کان ??حروم ماڻه?? جي مسئلن ۽ فائونڊيش?? جي خدمتن بابت آگاهه ڪيو.