اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سي??يٽ چيئرمين محمد صادق سن??را??ي ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سي??يٽ چيئرمين صادق سن??را??ي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صادق سن??را??ي وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم سي??يٽ چيئرمين جا ٿورا مڃيا. سي??يٽ چيئرمين اميد جو اظهار ڪيو ته نگران حڪومت عوامي امنگن موجب نه رڳو اليڪشن ڪميشن جي صاف ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ مدد ڪندي پر ملڪي معاشي ترق?? جي سفر کي وڌيڪ تيز ڪندي. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت ڀرپور ڪوشش ڪندي ته ان مختصر عرصي ۾ عوام?? نمائندن جي اعتماد ت?? پورو لهي. ان موقعي تي سينيٽر دنيش ڪمار پڻ موجود هو.