اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽ?? عارف علوي چيو آهي، ته 5 آگسٽ 2019ع ت?? ڀارت غيرقانوني طور تي ڀارتي ق??ضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي ڪارروائين جي شروعات ڪئي، ڀارت جا سمورا ظالماڻا قدم ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد کي نٿا روڪي ??گهن. ڀارت جو ڪشميري عوام جي حقن کان مسلسل انڪار هڪ غلط ۽ غيرقانوني عمل آهي، پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي آواز بڻجندو رهندو ۽ انهن جي جائز حقن جي حاصلات لاءِ لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندو. انهن خيالن جو اظهار صدر مملڪت ڊاڪٽ?? عارف علوي يوم استحصال 5 آگسٽ 2023ع جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ ڪيو. صدر مملڪت چيو ته 5 آگسٽ 2019ع ت?? ڀارت غيرقانوني طور تي ڀارتي ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي ڪارروائين جي شروعات ڪئي. انهن ڪارروائين جو مقصد ڪشميري عوام کي بي اختيار ڪرڻ، راءِ ڏيڻ واري حق کان محروم ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي ئي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ آهي. صدر مملڪت چيو ته 5 آگسٽ جا قدم تڪراري علائقي تي مستقل طور قبضو ڪرڻ ۽ ان جي خاص ڪشميري ڪردار کي مٽائڻ ??اءِ کنيا ويا هئا. صدر مملڪت چيو ته اڄ ڀارت دنيا کي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڄمون ڪشمير ان جي ڌرتي جو هڪ غير تڪراري حصو آهي. هن چيو ته ڀارت ڪشميري عوام کي ان جي جائز حق خوداراديت ڏئي سلامتي ڪائونسل طرفان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري، ڪشميري ڀارت کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ڀارت ڄمون ڪشمير جي مسئلي کي سلامتي ڪائونسل ۾ کڻي ويو جنهن کان پوءِ ڄمون ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو ۽ ڄمون ڪشمير جي حتمي مستقبل جو فيصلو گڏيل قومن جي انتظام هيٺ آزاداڻي ۽ غير جانبداراڻي راءِ شماري ذريعي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. صدر مملڪت چيو ته ڪشميري عوام پنهنجي نه فتح ٿيڻ جوڳي عزم ۽ حوصلي عيوض ڀارت طرفان ڊيڄارڻ ۽ محڪوم بڻائڻ ??اري هر ڀارتي ڪوشش جو مقابلو ڪري رهيو آهي. صدر مملڪت چيو ته ڀارت جا سڀئي ظالماڻا ۽ هٿ ٺوڪيا قدم ڪشميري عوام جي جدوجهد کي نه روڪي ??گهيا. ڀارت گذريل 75 سالن کان مختلف سازشن سان ڪشميري عوام جي حقن ۽ امنگن کي پائمال ڪري رهيو آهي. صدر مملڪت ڊاڪٽ?? عارف علوي چيو ته ڀارت طرفان 5 آگسٽ 2019ع ت?? والاريل ڪشمير کي هڪ کليل جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ڀارت جو ڪشميري عوام جي حقن کان مسلسل انڪار هڪ غلط ۽ غيرقانوني عمل آهي. صدر مملڪت چيو ته سفارتي ٻٽي پاليسي يا ڀارتي رياستي دهشتگردي حقيقت کي تبديل نٿي ڪري سگهي. پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جو آواز بڻيو رهندو ۽ انهن جي جائز حقن جي حاصلات لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندو، صدر مملڪت چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ڄمون ڪشمير تڪرار جي پرامن حل ذريعي ئي ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام ممڪن آهي.