اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته غذ??ئي ت??فظ ۽ زراعت ب??بت قومي سيمينار ڪا معمولي تقريب نه هئي، زرعي شعبو اسان ??ي اقتصادي ت??قي جو سڀ کان وڏو محرڪ بڻجي چڪو آهي، نار ملڪن مان زرعي شعبي ۾ ايندڙ چئن کان پنجن سالن ۾ 40 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري سان گڏوگڏ 40 لک نيون ملازمتون پيدا ٿينديون، قرضن مان ڇوٽڪارو ح??صل ڪري مضبوط معيشت جي ت??قي ۽ تعمير ڪنداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته زراعت ۽ فوڊ سيڪيورٽي واري قومي سيمينار ۾ مون ٻيو سبز انقلاب جي بنياد جي طور تي زراعت جي شعبي ۾ بهتري آڻڻ ??ي اهميت تي زور ڏنو آهي، اسان سڀ وڏيون وڏيون دعوائون ۽ پرڪشش ويزن ب??بت ٻڌو آهي پر بنا محنت، همت جي بي فائدو رهيا آهن. هن چيو ته نار ملڪ ساليانو 40 ارب ڊالر جي غذ??ئي شين ۽ زرعي مصنوعات درآمد ڪن ٿا، حڪومت جو عزم اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل (اين ايس آءِ ايف سي) تحت نار ملڪن مان پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري آڻڻ آهي جنهن جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ايندڙ چئن کان پنجن سالن ۾ 40 لک نيون نوڪريون پيدا ڪرڻ کانسواءِ اٽڪل 40 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي. هن چيو ته ٻيو وڏو انقلاب پاڪستان ??ي اقتصادي ت??قي جي لاءِ زرعي شعبو کي وڏو محرڪ بڻائڻ جو سبب بڻجندو جنهن سان غذ??ئي ت??فظ ايندو ۽ اسان جي قومي سلامتي کي سگهه ملندي. هن چيو ته زراعت ۽ غذ??ئي ت??فظ ب??بت قومي سيمينار ڪا معمولي تقريب نه هئي پر سڀني ڌرين پاران ملڪي اقتصادي بحالي جي لاءِ ڊگهي مدي طرف ڌيان طلب قومي ڪوشش جي شروعات آهي. هن چيو ته اسان اندروني وسيلن تي دارومدار ڪرڻ ۽ قرضن مان ڇوٽڪارو ح??صل ڪري مضبوط معيشت جي ت??مير جا خواهشمند آهيون ۽ اسان سڀ گڏجي پنهنجو اهو مقصد حاصل ڪنداسين.