برسلز – 13 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر بيلجيئم جي جاري دوري دوران برسلز ۾ يورپي ي??نين جي ٻن ڪمشنرن سان تفصيلي ملاقاتون ڪيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب مملڪتي وزير جي ڪرائيسز مئنيجمينٽ بابت يورپي ڪمشنر جينز لينارڪ سان ملاقات دوران پاڪستان ۾ يورپي ي??نين جي ٻوڏ بابت امدادي سرگرمين تي ڳالهه ٻولهه ٿي. مملڪتي وزير ڳالهه ٻولهه دوران ٻوڏ کانپوءِ يورپي شهري تحفظ جي طريقيڪار کي فعال ڪرڻ تي ي??رپي ي??نين جا ٿورا مڃيا جنهن بح??لي جي مرحلي دوران يورپي ي??نين پاران فوري مدد کي ممڪن بڻايو. ڌرين ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ۽ صلاحيت ۾ تعاون جي لاءِ وڌيڪ رستا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. حنا رباني کر گهرو معاملن بابت يورپي ڪمشنر يلوا جوهانسن سان ملاقات ۾ تازو ئي شروع ڪيل مائيگريشن اينڊ موبلٽي ڊائيلاگ جي بهترين استعمال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ هنرمند مزدورن جي قانوني لڏپلاڻ جا موقعا پڻ شامل آهن. پاڪستان – يورپي ي??نين ري ايڊميشن معاهدي تي عملدرآمد ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. يورپي ي??نين ڪميشن ۾ پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ مملڪتي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته يورپي ي??نين اڀرندڙ عالمي چئلينجز ۽ غيرروايتي سلامتي جي خطرن بشمول موسمياتي تبديلي، وب??ئي مرضن، پاڻي، توان??ئي ۽ غذ??ئي تحفظ کي منهن ڏيڻ ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪندي. هن پائيداري، گرين اڪانومڪس، زراعت ۽ ڊيجيٽل ڪنيڪٽيويٽي تي خاص ڌيان ڏيڻ ۽ تعاون وڌا??ڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. جي ايس پلس اسڪيم جي اهميت کي اجاگر ڪندي مملڪتي وزير چيو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ پاڪستان ۽ يورپي ي??نين جي واپار ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن پاڪستان ۾ ترقي ۽ غربت جي خاتمي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اها ٻنهي ڌرين جي لاءِ ڪاميابي آهي. بيان موجب پاڪستان ۽ يورپي ي??نين جي ڳالهين وارو عمل اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان جو حصو آهي جيڪو امن، ترقي ۽ خوشح??لي جي لاءِ ڊگهي مدي واري مستقبل جي حو??لي سان ۽ وسيع البنياد حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻا??ڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.