اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستا?? جي اسپيشل اولمپڪس ??يم کي برلن اسپيشل اولمپڪس ۾ شرڪت ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 87 ماڻهن تي ٻڌل پاڪستا?? جي اسپيشل اولمپڪس ??يم جو 11 راندي?? جي مقابلن ۾ حصو وٺڻ فخر جوڳو آهي، اميد ڪريان ٿو ته اسا?? جي ٽيم پنهنجي ڀرپور صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي. پاڪستان اسپيشل اولمپڪس ??يم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته پاڪستان اسپيشل اولمپڪس جي پوري ٽيم ۽ انتظاميا کي پڻ مبارڪباد ڏيان ٿو، خوشي آهي ته ذهني معذوري جو شڪار ماڻهو به راندين ۾ حصو وٺي رهيا آهن، پاڪستا?? جي اسپيشل اولپمڪس ??يم اڳ ۾ به ميڊل کٽي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. صدر چيو ته مثبت سرگرمين ۾ خصوصي ماڻه?? جي شموليت وڌائڻ جي ضرورت آهي، ان مقصد جي لاءِ انهن ??ي صحت، تعليم، روزگار ۽ راندين ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪرڻ جو موقعو ڏيڻو پوندو. هن ??يو ته اسان پاڪستان ۾ هڪ ٺوس ۽ شموليت تي ٻڌل معاشرو جوڙڻ جا خواهشمند آهيون، خصوصي ٻارن کي عام ٻارن سان گڏ اسڪولن ۾ تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ هنر ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي.