اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان آذربائيجان جو دورو مڪمل ڪري ورتو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ ڌرين گهڻ رخي ۽ تاريخي لاڳاپن جو جائزو ورتو. هنن ا??لي?? سطح جي مٽاسٽا ج?? انگ وڌيڪ وڌائڻ ۽ سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ موجوده اداراجاتي ميڪانزم کي بهترين طريقي سان استعمال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻطرفي واپار کي وڌائڻ ۽ توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، افرادي قو??، زراعت، ٽرانسپورٽ رابطن ۽ ت??لي?? جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻئي طرف پاڪستان ۽ جارجيا جي ٻطرفي سياسي مشاورت جو افتتاحي اجلاس تبليسي ۾ منعقد ٿي رهيو آهي. ڳالهه ٻولهه ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ جارجيا جو نائب پرڏيهي وزير اليگزينڊر خوتيشيا شويلي لاڳاپيل ڌرين جي قيادت ڪري رهيا آهن. اي??نڊ?? ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، سياحت، ت??لي?? ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ ع??لم?? معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ شامل آهي.