اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نظريه پاڪستان عمران نيازي جي ناپاڪ ۽ خودغرضي تي ٻڌل ارادن کان ڪيترئي ڀيرا معتبر ۽ سگهارو آهي، انشاءَ الله عمران نياز?? کي ضرور ناڪامي جو منهن ڌسڻو پوندو. هڪ ٽوئيٽ ۾ وز??راعظم چيو ته 9 مئي جي شرمناڪ، المناڪ ۽ افسوسناڪ واقعن کانپوءِ آئون انهن جي منفي اثرن ۽ نتيجن بابت سوچي رهيو آهيان. جيترو آئون ان ڪاري ڏينهن بابت سوچيان ٿو ايترو ئي منهنجي ڪاوڙ ۽ ڏک ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي ته اسان پاڪستان جي نظريي جا پاڻ ئي دشمن بڻجي ويا آهيون. وز??راعظم چيو ته عوام کي ورهائڻ کانپوءِ عمران نيازي ??يا??تي ادارن جي توهين جي ڪوشش ۾ لڳي ويو جڏهن ان جي حڪومت حاصل ڪرڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿي ويون ته هو پنهنجي نفرت انگيز بيانيي ۽ شرپسندن جي جٿن سان پاڪستان جي ??يا??ت تي حملي آور ٿي ويو. ان کي شايد ان ڳالهه جو اندازو نه هو ته نظريه پاڪستان ان جي ناپاڪ ۽ خودغرضي سان ڀرپور ارادن کان ڪيترائي ڀيرا متعبر ۽ سگهارو آهي. انشاءَ الله عمران نياز?? کي ضرور ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو.