اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم او??نگ??يب چيو آهي ته هڪ سياسي پارٽي پاران لسٻيلا سانحي طرز تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور جي حادث?? تي به منظم مهم هلائي پئي وڃي، افسوسناڪ ڪلچر وڌايو پيو وڃي، ڪنهن به شهادت ۽ واقع?? تي ان حد تائين ڪري پوڻ جي مذمت ڪريون ٿا. هو ايم اين اي آغا رفيع الله جي اعتراض واري نقط?? تي قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ڳالهائي رهي هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم او??نگ??يب چيو ته ٽي ڏينهن اڳ ڇنڇر جي رات اسلام آباد ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور جي گاڏي کي پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي جي پاڻ مانيٽرنگ ڪري رهي آهيان. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور جي شهادت تي وفاقي ڪابينا ۽ پارليامينٽ ميمبرن پنهنجي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو آهي، هر اک ڳوڙهن هاڻي آهي، پارليامينٽ مان هڪ قرارداد به پاس ٿي جنهن ۾ عبدالشڪور صاحب کي هلال امتياز سان نوازيو ويو آهي. هن چيو ته گذريل ٽن ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي ان سانح?? تي سياست ٿي رهي آهي، هڪ سازش ٺاهي پئي وڃي، هر طرف کان پيغام اچي رهيو آهي ته اهو سانحو سازش سان ڳنڍيل هو، وزيراعظم جي هدايتن تي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان ان معامل?? تي خصوصي جاچ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، اڃا تائين ڪي اهڙا ثبوت ناهن مليا ته ان سانحي ۾ ڪا سازش آهي، ڪنهن به انديشي کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي، ان بابت رپورٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي ويندي. هن چيو ته پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا سان سانح?? تي غليظ مهم هلائي پئي وڃي، هي اهي ئي ماڻهو آهن جن لسٻيلا حمل?? تي پڻ اهڙي مهم هلائي هئي. هن چيو ته ان واقعي جي حوالي سان انشاءَ الله سڀاڻي حقيقتون پارليامينٽ آڏو رکنداسين.