اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته چونڊن ۾ دير نه ٿيندي، پڪو ??قين آهي ته چونڊون وقت تي ٿينديون، وقت سر چونڊن سان ملڪ جي سي??سي ۽ معاشي صورتحال بهتري جي راهه کلندي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪائونسل آف ??اڪ??تان نيوز پيپرز ايڊيٽرز جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ??اڪ??تان جي آئين جي پاسداري جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اسان جي تاريخ ثابت ڪري ٿي ته چونڊن ۾ دير سان جمهوريت کي نقصان پهتو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جو گورنر هڪ جمهوري شخص آهي، صدر گورنر کي آئين ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ جو مشورو ڏنو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته صدر جي حيثيت سان پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪري رهيو آهيان، سپريم ڪورٽ به فيصلن جي توثيق ڪئي، اختلاف گهٽ ڪرڻ ۽ سي??سي پارٽين ۾ مفاهمت جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر چيو ته ملڪ جي خاطر ڪنهن به شخص يا سي??سي پارٽي سان ملڻ لاءِ تيار آهيان، پي ٽي آءِ جي قيادت کي به ٻين سي??سي پارٽين سان ڳالهيون ڪرڻ جو چيو، حڪومت سان سٺا لاڳاپا آهن. صدر چيو ته پڪو ??قين آهي ته ??اڪ??تان ڪنگال نه ٿيندو، بهتر ۽ موثر مالياتي ان??ظام ملڪ کي درپيش معاشي مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا. صدر چيو ته ڪرپشن جي خلاف آهيان ڇو ته ان ??اڪ??تان کي بري طرح نقصان پهچايو، انهي لاءِ نيب ترميمي بل واپس ڪيو. صدر چيو ته فيصلاسازي ۾ دير، ميرٽ جي خلاف ورزي، پنهنجا نوازي ۽ ڪرپشن ??اڪ??تان کي کوکليو ڪيو، ميڊيا سچا ۽ ذميواراڻا تجزيا ۽ راءِ پيش ڪري ماڻهن کي تعليم ڏي. صدر چيو ته نئين ميڊيا جي عروج جي باوجود پرنٽ ميڊيا اڃا به ماڻهن جي راءِ جوڙڻ ۽ اهم مسئلن کان آگاهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر ??اڪ??تان ۾ اظهار راءِ جي آزادي کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.