سکر – 21 – مارچ (اي پي پي) صد?? ڊا??ٽر عارف علوي چيو آهي ته سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي لاءِ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، انصاف ڪرڻ تمام وڏي نيڪيءَ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ۾ وفاقي محتسب انشورنس ريجنل آفيس سکر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صد?? چيو ته ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ هن اداري ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي. سڄي دنيا ۾ ماڻهو انصاف جي فراهمي کي تيز ڪرڻ ۽ مسئلن جي فوري حل لاءِ قدم کڻي رهيا آهن. تازن سالن ۾ پاڪستان ۾ به وفاقي محتسبن جي مدد سان سائلين جي مسئلن جي حل ۾ تيزي آئي آهي. بئنڪنگ صارفين جا مسئلا هجن يا ملڪي مسئلا، انهن جي فوري حل ۽ وقت سر فيصلن سان ئي ماڻهن جي شڪايتن جو ازالو ٿيندو. صد?? چيو ته جيڪڏهن اسان ايگريڪلچر انسورنس تي ڌيان ڏيون ها ته تازي ٻوڏ سان آبادگارن ۽ زميندارن کي ٿيندڙ نقصانن جو ازالو ڪري سگهياسين پئي. هن چيو ته ملڪ جي سمورن سيڪٽرز ۾ انشورنس جي رجحان کي وڌائڻو پوندو. صد?? چيو ته سکر ۾ وفاقي محتسب جا ڪيترائي ادارا موجود آهن پر عوامي سطح تي ماڻهن کي انهن جي ڄاڻ نه آهي. هن اداري ۾ موجود آفيسرن کي پنهنجي ڪم ۽ ڪارڪردگي کي ميڊيا ۾ آڻڻ گهرجي ڇو ته هي دور سوشل ميڊيا ۽ ڪميونيڪشن جو دور آهي. ان کان اڳ صد?? اڱاري ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي سکر پهتو. سکر ايئرپورٽ تان آءِ بي اي يونيورسٽي آيو جتي هن وفاقي انشورنس محتسب ريجنل آفيسر سکر جو افتتاح ڪيو. وفاقي انشورنس محتسب ڊا??ٽر محمد خاور جميل صد?? جو استقبال ڪيو.