اسلام آباد– 30 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي روسي هم منصب س??گئي لاروف سان سومر تي باضابطه ملاقا?? ڪندو. ان کان اڳ پاڪستان جو پرڏيهي وزير ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ماسڪو پهتو. پرڏيهي آفي?? جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو رو?? جي پرڏيهي وزارت جي اعلي عهديدارن، روس ۾ پاڪستان جي سفير شفقت علي خان ۽ سفارتخاني جي ٻين عملدارن آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير اهو دورو روسي هم منصب س??گئي لاروف جي دعوت تي ڪري رهيو آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ اڄ باضابطه ملاقات ٿيندي.