اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي ڪم جي جڳهه تي جنسي هراسمي??ٽ جي ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان مو??ب صدر ڪم واري جڳهه تي هراسمي??ٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي جوابدار جي درخواست رد ڪندي ان جو ڪيس ٻيهر محتسب ڏانهن موڪلي ڇڏيو. صدر پنهنجي فصلي ۾ ??يو ته نئين وڪيل کان هڪ ڀيرو ٻيهر شڪايت ڪندڙ جي جرح ڪرائڻ جي درخواست جو ڪو بنياد نه آهي. صدر پاران هراسمي??ٽ جي خاتمي بابت محتسب جي فيصلي جي توثيق کانپوءِ ڪيس هراسمي??ٽ جي خاتمي بابت محتسب کي حتمي فيصلي جي لاءِ واپس موڪليو ويو آهي. ڊاڪٽر عارف ??لوي ??يو ته جوابدار پاران داخل اپيل شڪايت ڪندڙ جي تڪليف ۽ اذيت وڌائڻ جي هڪ ڪوشش آهي. هن ??يو ته اڳ ۾ ئي معاملي تي جوابدار جي متفرق درخواستن جي ڪري ڪافي وقت لڳي چڪو آهي، قانوني چاره جوئي جو هڪ نئون دور شروع ڪرڻ لاڳاپيل ايڪٽ جي روح جي خلاف آهي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته شڪايت ڪندڙ 27 مئي 2019ع تي محتسب آڏو جنسي هراسمي??ٽ جو ڪيس داخل ڪيو هو. جوابدار صدر کي محتسب جي 23 سيپٽمبر 2021ع جي حڪم جي خلاف درخواست داخل ڪئي. جوابدار محتسب آڏو معاملو التوا هيٺ هجڻ جي باوجود اپيل داخل ڪئي هئي.