اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪامسٽيڪ پاران گهٽ ترقي يافته مسلمان ملڪن ۾ هنر ۽ صحت جي سهولت?? جي فراهمي جي قدمن کي ساراهيندي افغانستان ۾ شاگردن کي آن لائين ۽ رڪارڊ شده تعليم جي فراهمي تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ان سلسلي ۾ پاڪستان ورچوئل ي??ني??رسٽي ۽ علامه اقبال اوپن ي??ني??رسٽي جي تعليمي ماڊي??لز ۽ آن لائين تعليمي خدمت?? جي فراهمي جي آڇ ڪري سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن او آءِ سي جي سائنسي ۽ فني تعاون (ڪامسٽيڪ) بابت وزارتي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ڪوآرڊينيٽر جنرل پروفيسر ڊاڪٽر اقبال چوڌري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ڪامسٽيڪ تي زور ڏنو ته اها افغانستان ۾ شاگردن کي آن لائين ۽ رڪارڊ شده تعليم فراهم ڪري، رڪارڊ شده سبق ۽ تربيتي ڪورس افغان شاگردن کي تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪارائتا ثابت ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته ان سلسلي ۾ پاڪستان ورچوئل ي??ني??رسٽي ۽ علامه اقبال اوپن ي??ني??رسٽي جي تعليمي ماڊي??لز ۽ آن لائين تعليمي خدمتون پڻ پيش ڪري سگهي ٿو، انهن قدمن سان افغانستان کي درپيش تعليمي سهولت?? جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر ٻين اسلامي ملڪن ۾ سائنس ۽ زراعت جي شعبن ۾ بهترين طريقن کي ماڊل جي طور تي اختيار ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ ا?? جي نقل ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۾ پرائم منسٽر ڊيجيٽل اسڪلز ??روگرام نوجوانن کي ڊيجيٽل مهارتون فراهم ڪرڻ ۽ روزگار حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جو هڪ ڪامياب ماڊل آهي، ڊيجي اسڪلز ??روگرام کي ٻين مسلمان ملڪن ۾ نقل ڪري سگهجي ٿو. صدر قازقستا?? جي شاگردن کي 20 فيلوشپس/ اسڪالرشپس ڏيڻ جي قدم کي ساراهيو. هن فلسطي?? جي شاگرد?? جي لاءِ 50 خصوصي اسڪالرشپس/ فيلوشپس جي قدم پڻ ساراه??و. ??در چيو ته 2023ع جي ٻئي حصي ۾ ڪامسٽيڪ جي 16 هين جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي انعقاد جي تجويز تي غور ڪرڻ گهرجي. هن گهٽ ترقي يافته ملڪن ۾ شاگردن کي هنر ۽ صحت جي سهولت?? جي فراهمي جي لاءِ ڪيترن ئي مسلمان ملڪن ۾ ڪامسٽيڪ پاران کنيل مختلف قدمن کي ساراهيو.